شير شاهه بازار

شير شاهه بازار

شير شاهه بازار

شير شاهه بازار: هيءَ ڪراچي جي هڪ بازار آهي، جيڪا هن وقت ايشيا جي هڪ وڏي ڪٻاڙي بازار طور سڃاڻپ رکندڙ آهي. جتي گڏهه گاڏي کان وٺي سامونڊي جهازن جا پرزا ملي وڃن ٿا. هن بازار سان هزارين ماڻهن جو روزگار ٻڌل آهي. مورڙي جي هن قديم ڳوٺ ۾ جڏهن هڪ بزرگ شير شاهه آستانو جوڙيو ۽ وفات کانپوءِ هن کي مورڙي واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو ته مورڙو ڳوٺ جي هڪ حصي جو نالو شير شاهه وليج پيو. شير شاهه، سيد صالح محمد شاهه جو ڏاڏو هو. سيد صالح محمد شاهه 1947ع ۾ مسلم ليگ موسٰي لين جي يونٽ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهي چڪو هو. شير شاهه ڳوٺ وارو رستو ڪراچي ڏانهنءَ ايندڙ ٻين رستن وانگر قديم رستو آهي. شير شاهه وارو علائقو به اورنگي، گڏاپ، منگھو پير، ملير ۽ لانڍيءَ وانگر قافلن جو پڙاءُ هوندو هو. دڙٻو ۽ ان جي مختلف ننڍن ننڍن بندرن تي اچڻ لاءِ قافلا ٻين رستن سان گڏ هي رستو اختيار ڪندا هئا. هي اهم رستو هوندو هو، جيڪو اڳتي هلي حب ندي روڊ جي نالي سان مشهو ٿيو. قافلا هتي ترسڻ کان پوءِ شهر جي بندرن ڏانهن ايندا هئا. هتي ڪجهه اهڙيون گھاڙي قبرون آهن، جن جي پٿرن تي لکيل اکر پڙهڻ ۾ نٿا اچن ۽ گھڻن ماهرن انهن کي رومي ٻولي قرار ڏنو آهي. انهن اکرن تي تحقيق جي ضرورت آهي. شير شاهه جي هن اهم پڙاءُ ۾ ڪنهن دور ۾ پنج کوهه هوندا هئا، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي 17 صدي ۾ هتي ترسندڙ قافلن لاءِ کوٽيا ويا هئا. جن مان هڪ کوهه اڃا به موجود آهي. کوهن سان لڳ هڪ چبوتري واري پراڻي مسجد به هئي. 1960ع ۾ ان جي جاءِ تي هاڻوڪي مسجد اڏي ويئي آهي. 1951ع ۾ جڏهن سنڌ انڊسٽريل ٽريڊنگ اسٽيٽ (سائيٽ) ٺهيو ته سنڌ حڪومت 4600 ايڪڙ زمين صنعتي زون لاءِ الاٽ ڪئي،. جنهن ۾ گلٻائي، ليبر اسڪوائر، باواني چالي، حسن اوليا وليج، شير شاهه ڪالوني ۽ ميٽروول شامل هئا. هن ۾ هاڻوڪي شير شاهه ڪالوني جو رقبو 277 ايڪڙن تي ٻڌل محمدي روڊ کان مورڙو ڳوٺ تائين آهي. انگريز سرڪار سروي وقت درگاهه ۽ هن سان لڳ زمين سيد صالح شاهه کي شير شاهه جي درگاهه کان مورڙو ڳوٺ تائين وارو علائقو الاٽ ڪيو هو. جنهن جا ڪاغذ ۽ سرٽيفڪيٽ اڄ به انهن جي اولاد مان سيد شير شاهه وٽ موجود آهن. جڏهن سيد صالح شاهه جي پٽ سيد اميد علي شاهه مورڙي ڳوٺ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مورڙي ڳوٺ جي رهواسين عدالت جو در کڙڪايو ۽ انگريزن جي ڏنل سرٽيفڪيٽ جي آڌار تي مورڙي ڳوٺ وارن ڪيس کٽيو. سيد صالح شاهه واري زمين 1950ع ۾ لياقت علي خان 99 سالن جي مالڪاڻي ليز تي بمبئي جي هڪ واپاري سيد رضا حسين ترمذيءَ کي الاٽ ڪئي. سيد رضا حسين ترمذي انهيءَ زمين تي بعد ۾ پلاٽنگ ڪري هندستان مان آيل مهاجرن کي وڪرو ڪئي. صالح شاهه عدالت جو در کڙڪايو ۽ ڪيس اڃا تائين هلندڙ آهي ۽ صالح شاهه جي اها زمين جيڪا هن کي مالڪاڻي حق تي مليل هئي، هن وقت وڏي ڪالوني جي صورت ۾ ٺهي وئي آهي.
اهو ڪيس هاڻي صالح شاهه جي اولاد ۽ سٽي حڪومت جي وچ ۾هلندڙ آهي. شير شاهه ۾ 28 مختلف مسلڪن جا مدرسا، 26 رجسٽرڊ سماجي تنظيمون، چار خيراتي اسپتالون ۽ هڪ ٿاڻو آهي، جيڪو 1991ع ۾ قائم ڪيو ويو. صدارتي اوارڊ حاصل ڪندڙ خدا بخش لاسي به انهيءَ علائقي جو رهندڙ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو